صبغت الاسلام مدرسي جي لائبريري سانگهڙ

صبغت الاسلام مدرسي جي لائبريري، سانگهڙ: مدرسي جامعه راشديه جي شاخ مدرسو صبغت الالسلام سانگهڙ شهر ۾ 1960ع ۾ قائم ٿيو. مدرسي جي قائم ٿيڻ کان ڪجهه سال پوءِ لائبرريءَ جو وجود پيو. جتي مختلف علمي ادبي ۽ تحقيقي موضوعن، شاعري، فلسفي، حديث، قرآن جي تفسيرن ۽ ناياب قلمي نسخن سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن جو تعداد 4000 هزار کان وڌيڪ آهي. هيءَ لائبرري مدرسي جي انتظاميه جي هٿ هيٺ آهي. لائبرريءَ لاءِ مخصوص فنڊ نه آهي، جڏهن ته ڪتابن جي خريداري مدرسي جي فنڊ مان ڪئي ويندي آهي. هن لائبريري ۽ مدرسي جو سربراهه هن وقت حافظ رسول بخش وساڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو